اسان زنده رهنداسين- ڪتاب

اسان زنده رهنداسين- ڪتاب

اسان زنده رهنداسين

اسان زنده رهنداسين (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب فلسطين جي مشهور انقلابي عورت ليليٰ خالد جي آتم ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سندس جدوجهد ۽ ذاتي زندگيءَ جو احوال ڏنل آهي. سنڌيءَ ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ زيب سنڌيءَ هن ڪتاب کي اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ڪرائون سائيز ۽ ڪچي جلد سان 240 صفحن واري هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1983ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1984ع ۾ سڳنڌ پبلڪيشن، لاڙڪاڻي پاران ڇپايو ويو. هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي جي قيمت 20 رپيا ڄاڻايل آهي. روشني پبلڪيشن پاران هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 1991ع ۾ ڪرائون سائيز ۾ ۽ چوٿون ڇاپو ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 2008ع ۾ ڇپايو ويو آهي. جنهن جا 144 صفحا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو